Goliyan Goliyan Mann Lahan sindhi program Episode #1

Опубликовано: 16 Июль 2026
на канале: Fun Facts
659
like

sawalan jawaban jo pahrion sindhi program
the frist sindhi puzzle show consisting of 20 questions
watch & share with your friends, family members.
Increase your knowledge by joining us
#goliyangoliyanmanlahan #funpolo #ggml #sindhitalkshow #sindhipuzzlegame

Goliyan Goliyan Mann Lahan sindhi program Episode #1

Goliyan Goliyan Man Lahan a program to find hidden personality through questions.
program matter is search a hidden person place of other.
A program of all ages person for knowledgeable. on your favorite you tube channel fun polo subscribe this channel and click bell icon for more updates about this channel

   / mehboobmallah  
   • Goliyan Goliyan Mann Lahan sindhi program ...  

ڳوليان ڳوليان مَن لهان!
ڳولهيان ڳولهيان، مَ لهان! شال مَ ملان هوت!
مَــــن انـــــدر جا لـــــــــوچ! مِلڻ سان مـــــاٺِي ٿئي!

hidden personalities.
With goliyan goliyan man lahan
syed murad ali shah
hakim ali zardari
shaikh ayaz
amar jaleel
hyder bux jatoi
h m khoja
hamal faqeer
mai bhagi
amanullah abbasi
allama i i kazi
dr adeeb rizvi
mumtaz mirza
syed saleh muhammad shah
Shafi Muhammad Shah
mustafa qureshi
ustad bukhari
ustad muhammad juman
anwar solangi actor
abdul hafeez pirzada
Dr. Umer bin Mohammad Daudpota
amanullah abbasi
mir hazar khan bijarani
mai bakhtawar
syed masoom shah
Hakim Ali Zardari: The renowned politician and landowner, Ali Zardari, was born in 1930 in the village of phato hal Zardari (now Talaq Daulatpur) in district Shaheed benazir abad. His father married in Iran. Hakim Ali Zardari received his elementary education from his village school.
data research from encyclopediasindhiana.org

حاڪم علي زرداري: نامور سياستدان ۽ زميندار حاڪم علي زرداري ولد حاجي محمد حسين زرداري 1930ع تي ضلعي بينظير آباد جي ڳوٺ ڦتوهل زرداري (تعلقي سڪرنڊ هاڻي تعلقي دولتپور) ۾ پيدا ٿيو. سندس والد ايران مان شادي ڪئي. حاڪم علي زرداري ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪئي. ان بعد ڳوٺ ميان ساند جي مڪتب مان پرائمري تعليم مـڪـمل ڪـري ڊي. سـي. هـاءِ اسـڪـول نوابشاهه مان مئٽرڪ پاس ڪئي. وڌيڪ تعليم حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ مان حاصل ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد ڳوٺ ۾ زمينداري سنڀالڻ لڳو، کيس نوجوانيءَ ۾ هر ڪاهڻ ۽ هارين سان گڏ ڪم ڪرڻ جو شوق هوندو هو. سندس پهرين شادي سنڌ جي علمي گھراڻي حسن علي آفنديءَ جي ڏوهٽي جيل آفيسر محمد حسين ميمڻ جي نياڻيءَ سان ۽ ٻي شادي زرين بيگم سان ٿي، جنهن مان اولاد نه ٿيس. بالوءَ جا قبا واري زمين تي جايون ٺهرائي رهائش اختيار ڪيائين. زمينداريءَ سان گڏ واپار جو ڌنڌو شروع ڪندي، نوابشاهه ۾ واپاري ڪوٺي قائم ڪيائين. نوابشاهه کانپوءِ هيءُ ڪراچيءَ ۾ به رهيو، جتي هن پنهنجي ذهانت ۽ قابليت وسيلي پلاٽن جي خريد ۽ فروخت جو ڌنڌو شروع ڪيو ۽ جلدي ڪراچيءَ جي مرڪزي هنڌ صدر ۾ بمبينو چيمبر قائم ڪري، بمبينو ۽ اسڪالا سئنيمائون قائم ڪيون. اهڙيءَ طرح ٻين سئنيمائن ۾ حصيداري رکيائين، ان کانسواءِ فلم ڊسٽريبيوٽرس جو ڪاروبار شروع ڪيائين ۽ هڪ سنڌي فلم ’سورٺ‘ ٺاهيائين. اهڙيءَ طرح حاڪم علي زرداريءَ جي شخصيت فلم انڊسٽري ۾ به نمايان حيثيت قائم ڪري ورتي.
حاڪم علي زرداري پنهنجي محنت، همت ۽ ڪارپت وسيلي تمام گھڻي شهرت ماڻي، سندس طبعي لاڙو قومپرستيءَ ۽ ترقي پسنديءَ ڏانهن رهيو. 1965ع جي بنيادي جمهوريت وارين چونڊن ۾ حاڪم علي زرداري ضلعي ڪائونسل جو ميمبر ۽ ڊويزنل ڪائونسل جو وائيس پريزيڊنٽ چونڊيو ويو. ان دوران سندس ڪيل تقريرون يادگار رهيون. 1965ع جي صدارتي اليڪشن ۾ ايوب خان جي مخالفت ۽ فاطمه جناح جي حمايت ۾ هن ڪيترن ئي جلسن ۽ جلوسن کي منظم ڪيو ۽ انهن ۾ خطاب ڪيو. ايوب خان جي حڪومت جي خاتمي بعد ذوالفقار علي ڀُٽي سان پ پ ۾ شامل ٿيو. حاڪم علي زرداريءَ جي عوامي ليگ جي سربراهه شيخ مجيب الرحمان سان ويجهڙائي ۽ رسول بخش پليجي سان به سندس دوستي رهي. 1970ع ۾ هن ڊي. سي هاءِ اسڪول نواب شاهه جي ’لطيف هال‘ ۾ پنهنجي برادريءَ جو ڪنويشن سڏايو، جتي ’آل سنڌ زرداري ايسوسيئشن‘ جو بنياد رکيائين ۽ ان جو صدر مقرر ڪيو ويو. هن پاڻ کي سردار وارو لقب نه ڏنو. 1970ع جي چونڊن ۾ حاڪم علي زرداري نوابشاهه جي تڪ تان پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو. 1976ع ۾ سنڌ جي وزير اعليٰ سان اختلاف رکڻ سبب کيس وڏين تڪليفن جو منهن ڏسڻو پيو. ان دوران پ پ پ کي ڇڏي نئشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي سنڌ جو صدر ٿيو ۽ پرڏيهه هليو ويو.
1985ع ۾ غير جماعتي چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ لاءِ نوابشاهه جي تڪ تان حصو ورتائين پر ڪامياب نه ٿيو. 1988ع جي اليڪشن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تان چونڊجي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جو چيئرمئن ٿيو. 1990ع جي چونڊن ۾ حصو ورتائين پر ڪامياب نه ٿيو. 1993ع جي چونڊن ۾ ٽيون ڀيرو سڪرنڊ جي تڪ تان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 1996ع جي اليڪشن ۾ نواز دور ۾ ڀٽو ۽ زرداري خاندان خاص طور عتاب هيٺ رهيا. 12 آڪٽوبر 1999ع تي نوازشريف جي حڪومت جو تختو اونڌو ٿيڻ بعد سندس فرزند آصف علي زرداري جنرل مشرف جي دور دوران جيل ۾ رهيو ۽ حاڪم علي زرداريءَ کي ضياء الدين اسپتال ڪراچيءَ ۾ زيرِ علاج هئڻ دوران اسپتال کي سب جيل قرار ڏئي قيد ۾ رکيو ويو. ڪيتري عرصي کان بيمار رهڻ بعد دماغ جون رڳون ڦاٽڻ سبب پمز اسپتال اسلام آباد ۾ 24 مئي 2011ع تي وفات ڪيائين. سندس فرزند آصف علي زرداري هن وقت پاڪستان جو صدر آهي ۽ سندس ٻه نياڻيون فريال ٽالپر ۽ ڊاڪٽر عذرا پيچوهو پڻ سياست ۾ سرگرم آهن. ان کان سواءِ فوزيه زرداري پڻ سندس ڌيءَ آهي. سندس خاندان کي ملڪي سطح تي وڏي اهميت حاصل آهي.