عرس مبارڪ حضرت يعقوب شهيد رح جي موقعي تي فقير جي باري ۾ ڪجھ معلومات..
دوستو اڄ اسان حضرت شاھ عبدالطيف ڀٽائيؒ جي مشھور راڳي فقير يعقوب شھيد جو ذڪر ڪري رھيا آھيون
ٻڌايو وڃي ٿو تہ سندس پورو نالو يعقوب شھيد سالارو آھي پاڻ وڏيءَ منزل وارو فقير ھو، سندس گفتگو ۾ ڏاڍو اثر ھو.
پاڻ کي راڳ تي عروج حاصل ھئس، چون ٿا تہ جڏھن فقير راڳ ڳائيندو ھو تہ ٻڌڻ وارن تي وجد تاري ٿي ويندو ھو.
سندن شھادت بابت تمام گھڻيون روايتون ملن ٿيون جن ۾ ذڪرڪيل آھي تہ فقير کي قاتلن شھيد ڪري ھڪ کوھ ۾ اڇلائي ڇڏيو ھو
جتان سندس مڙھ ڪڍي ڀٽ شاھ ۾ ميلي جي پٽ جي ڀرسان واري مقام ۾ دفن ڪيو ويو
جيڪو اڄ بہ يعقوب شھيد جي نالي سان سڏجي ٿو.
فقير جي شھادت جو ڀٽ جي ماڻھن کي تمام گھڻو غم ٿيو جنھن بابت اڄ سوڌو روايتون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون.
سندس تاريخِ شھادت معلوم نہ ٿي سگھي آھي...
#ShahBhittai #BhitShah #JiyeLatif #Sindh #shahjoraag